بار/ ٻار

بار/ ٻار: سامونڊي کاري. شاهه جي رسالي جي سُر سامونڊي ۾ لفظ آيل آهن ”بندر بارو بار“ يعني بندر ته هر بار تي آهن، پر اُهي بندر جيڪي ”مَلِي“ نالي بار (ملي بار= مالا بار) تي آهن، تن جو مُلهه ئي ڪونهي. لغت جي لحاظ سان لفظ ’بار‘ جي معنيٰ وڌيڪ تحقيق طلب آهي. سامونڊي ڪناري واري اصطلاح ۾ غالباً ’بار‘ اها ڀيڻي، جتي ندي اچي ڇوڙ ڪري ۽ هڪ قسم جي کاري يا ’نارِ‘ ٺاهي، جنهن مان ٻيڙين جي اچڻ وڃڻ جي سهوليت ٿئي ۽ ’بندر‘ جو بنياد پوي. 5 صدي هجريءَ (11 صدي عيسويءَ) جي شروع ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري وٽ سنڌونديءَ جي هڪ ڇوڙ جو نالو ’منهن برا‘ (يعني ’منهن بار يا منهن باري‘) ڪم آندو ويو آهي، جيڪو شايد ”مالا بار“ لنظ ئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو